ٽنڊو مائي ماهڻ

ٽنڊو مائي ماهڻ: ٽنڊي جهانيان جي ويجھو چانگ قبيلي جي هڪ دلير عورت ”مائي ماهڻ“ جي نالي سان هي ٽنڊو آباد آهي. هن جو اصل نالو ”مائڪان“ هو. جيڪو بلوچي لفظ آهي ۽ جنهن جي معنيٰ آهي ”چانڊوڪي“ يا ”چنڊ بيبي“. جيئن ته ان زماني ۾ سنڌ ۾ فارسي زبان رائج هئي. تنهنڪري چون ٿا ته هن عورت جو نالو ”مائي ماه تن “ مشهور هو، جيڪو بگڙجي مائي ماهڻ ٿي ويو. هن عورت جي والد جو نالو سردار دليل خان ۽ مڙس جو نالو سردار تاج محمد خان هو. هن جو اصل وطن بلوچستان هو. هن عورت جي هڪ ڌيءُ هئي، جيڪا مير مراد علي خان ٽالپر جي نڪاح ۾ آئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو